صادق آباد

صادق آباد

صادق آباد

صادق آباد: پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جو اهم شهر، جنهن کي تعلقي جو درجو مليل آهي ۽ اهو پنجاب ۽ سنڌ جي سنگم تي واقع آهي. جاگرافيائي طور تي هيءُ بهاولپور جو حصو هو. ڀارت جي سرحد هتان کان تقريباً 20 ميلن جي فاصلي تي آهي. هيءُ شهر رحيم يار خان کان صرف 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن شهر جو بنياد نومبر 1748ع ۾ امير بهاولپور صادق محمد خان عباسيءَ رکيو، جنهن جي نالي سان ‘صادق آباد’ مشهور ٿيو. ان جو بنياد پوڻ کان اڳ احمد پور هن تعلقي جو مرڪزي هنڌ هو. هن شهر تڪڙي ترقي ڪئي. هي صنعت توڙي واپار جو مرڪز آهي. هتي ڪيتريون ئي آئل ملون، ڪپهه جون ملون، ڌاڳي جا ڪارخانا، شگر مِلون وغيره آهن. فوجي فائونڊيشن جي ايشيا جي وڏي ڀاڻ جي فيڪٽري ايف.ايف.سي، دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني اسٽاريڪس ليبارٽريءَ کان علاوه بوتلن واريون کير تيار ڪندڙ فيڪٽريون به وڏي تعداد ۾ واقع آهن. ديني تعليم لاءِ به ڪيترائي مدرسا آهن، جن ۾: مدرسه نور القرآن، دار العلوم مدينه، مدرسه رفيق العلماءُ، مدرسه عربيه فيض الاسلام، مدرسه عربيه رشيد وغيره شامل آهن. هتي اسڪول، ڪاليج ۽ اعلى تعليمي ادارا پڻ آهن. صادق آباد ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون پڻ آهن، جن ۾ ڀونگ جي مسجد ۽ قديمي تاريخي قلعو اهم آهن.


لفظ صادق آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو